دانيال 9:5 - Sindhi Bible5 اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible5 اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.