دانيال 9:4 - Sindhi Bible4 ۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible4 سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.