Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:25 - Sindhi Bible

25 تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:25
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ خدا جي صندوق موٽائي شهر ۾ کڻي وڃ: جيڪڏهن آءٌ خداوند جي نظر ۾ مان لهندس تہ هو مون کي وري آڻيندو، ۽ اُها ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ، ٻئي مون کي ڏيکاريندو:


تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.


هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،


۽ بادشاهہ جي ستين سال جي پنجين مهيني ۾، هو يروشلم ۾ آيو.


تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟


۽ هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي تہ اچي يروشلم سان وڙهن، ۽ ان ۾ گڙٻڙ وجهن.


انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.


ڇالاءِ جو منهنجا دشمن مون بابت ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ جيڪي مون کي مارڻ جي انتظار ۾ آهن سي پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن.


مارڻ جي لاءِ وقت، ۽ ڇُٽائڻ جي لاءِ وقت؛ ڊاهڻ جي لاءِ وقت، ۽ اڏڻ جي لاءِ وقت؛


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين.


۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.


تنهنجي دعا گهرڻ جي شروع تي ئي حڪم جاري ٿيو، ۽ اُهو آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو تون گهڻو پيارو آهين: تنهنڪري انهي ڳالهہ تي ويچار ڪري اها رويا سمجهہ.


تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


۽ جيڪو ڀليءَ زمين ۾ پوکيو ويو هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو؛ ۽ سچ پچ ڦل جهلي ٿو، ۽ ڪو سؤڻو ٿو ڏئي، ڪو سٺوڻو، ڪو ٽيهوڻو.


تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،


پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:


هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي).


زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي.


تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟


وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ