Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:24 - Sindhi Bible

24 ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:24
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.


۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.


تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.


جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو منهنجي نجات ويجهي آئي آهي، ۽ منهنجي راستبازي ظاهر ٿيڻ تي آهي.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو کڻ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ڪمال جو خاتم، ڏاهپ سان ڀريل، ۽ حسن ۾ ڪمال آهين.


ڇالاءِ جو جيترا هنن جي گناهہ جا سال آهن، اوترا مون تنهنجي لاءِ ڏينهن مقرر ڪيا آهن، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن: ان موجب تون اسرائيل جي گهراڻي جا گناهہ کڻندين.


۽ جڏهن تون اُهي پورا ڪري ڇڏيندين، تڏهن وري ساڄي پاسي تي ليٽج ۽ يهوداہ جي گهراڻي جا گناهہ کڻج: انهي جا مون تو لاءِ چاليهہ ڏينهن مقرر ڪيا آهن، هرهڪ سال لاءِ هڪڙو ڏينهن.


۽ تون پنهنجي لاءِ ورهين جا ست سبت شمار ڪج، يعني ستن ورهين جا ستوڻا؛ ۽ ورهين جي ستن سبتن جو شمار اوڻونجاهہ ورهيہ ٿيندو.


پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.


۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.


ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي.


تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ


تہ اي يسوع ناصري، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي برباد ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آئون توکي ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين؛ تون خدا جو پاڪ آهين.


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين.


هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي).


ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.


۽ اوهان انهي پاڪ ۽ راستباز جو انڪار ڪري، هڪڙي خونيءَ جي لاءِ عرض ڪيو تہ اسان لاءِ ڇڏيو وڃي،


جيئن موسيٰ چيو تہ ”خداوند خدا اوهان لاءِ اوهان جي ڀائرن مان مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو؛ اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻُڌائي، سي سڀ ٻُڌجو.


زمين جا بادشاهہ سهي سنبري آيا، ۽ حاڪم اچي گڏ ٿيا، ۽ خداوند جو ۽ سندس مسيح جو مقابلو ڪرڻ لڳا.“


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اسين دشمن هئاسين تڏهن بہ سندس فرزند جي موت جي وسيلي خدا سان اسان جو ميل ميلاپ ٿيو، تڏهن هاڻي خاطري اٿئون تہ ميل ميلاپ ٿيڻ کان پوءِ، اُنهي جي حياتيءَ جي وسيلي ضرور بچي پونداسين؛


اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.


۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.


۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.


۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،


ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ