Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:22 - Sindhi Bible

22 ۽ هن مون کي سيکاريو، ۽ مون سان ڳالهايائين، ۽ چيائين، تہ اي داني ايل، آءٌ هاڻي انهي لاءِ آيو آهيان تہ توکي سمجهہ ڀريو ۽ قابل ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! آءٌ هن وقت انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو کي ستر سالن واري اڳڪٿيءَ جو مطلب سمجھايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.


هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو.


پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.


جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.


۽ اُلائي جي ڪنارن وٽ مون هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو، تہ اي جبرائيل، هن ماڻهوءَ کي اهو رويا سمجهاءِ.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي:


تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ