Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:21 - Sindhi Bible

21 هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:21
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ٻہ پهر گذري ويا تڏهن نبوت ڪرڻ لڳا، تان جو شام جي قرباني چاڙهڻ جو وقت اچي پهتو؛ پر نڪو آواز آيو، نڪو جواب آيو، ۽ نڪو ڌيان ڏيڻ وارو هو.


۽ شام جي قرباني چاڙهڻ وقت هيئن ٿيو تہ ايلياہ نبيءَ ويجهو اچي چيو تہ اي خداوند، ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، اڄوڪي ڏينهن ڄاڻاءِ تہ تون اسرائيل ۾ خدا آهين، ۽ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان، ۽ هي جيڪو ڪم ڪيو اٿم سو سڀ تنهنجي حڪم پٺيان آهي.


اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.


تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا:


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج.


هن جي آس پاس سرافيم بيٺا هئا: هر هڪ کي ڇهہ پر هئا؛ ٻن سان هر هڪ پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ٻن سان هر هڪ پنهنجا پير ڍڪيا، ۽ ٻن سان هر هڪ اُڏاڻو.


۽ انهن جا منهن ۽ انهن جا پر مٿي ڌار ڌار هئا؛ هرهڪ جا ٻہ ٻہ پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ۽ ٻن ٻن سان هنن جا بت ڍڪيل هئا.


۽ اُهي ساهہ وارا وڄ جي تجلي وانگر ڊوڙندا ۽ موٽندا ڏسڻ ۾ آيا.


تڏهن جيتوڻيڪ انهي ۾ نوح، ۽ داني ايل، ۽ ايوب، اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي هجن، تہ بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي پنهنجي سچائيءَ سان فقط پنهنجو ساهہ بچائيندا.


۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


۽ اُلائي جي ڪنارن وٽ مون هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو، تہ اي جبرائيل، هن ماڻهوءَ کي اهو رويا سمجهاءِ.


هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.


۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟


تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.


۽ ڇهين مهيني خدا وٽان جبرائيل ملائڪ گليل جي ناصرت نالي شهر ۾ هڪ ڪنواريءَ ڏانهن موڪليو ويو،


هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:


تہ ڏسو، خداوند جو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو، ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي؛ ۽ هن پطرس کي پاسي تي هٿ لائي جاڳائي چيو، تہ جلدي اُٿ. ۽ هٿڪڙيون سندس هٿن مان ڪِري پيون.


هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


۽ ملائڪن بابت هو چوي ٿو تہ ”هو پنهنجن ملائڪن کي هوائون ڪري ٿو ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جو شعلو ٿو بڻائي.“


۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ