Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:19 - Sindhi Bible

19 اي خداوند، ٻڌ؛ اي خداوند، معافي ڏي؛ اي خداوند، ٻڌي عمل ڪر؛ دير نہ ڪر؛ اي منهنجا خدا، پنهنجي واسطي ائين ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم، تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اي پروردگار! ٻڌ، اي رب! معافي ڏي، اي ڌڻي! اسان جي ٻڌ ۽ ڪجھہ ڪر. اي منهنجا خدا! پنهنجي نالي جي خاطر دير نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:19
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو عرض، جڏهن هو هن جاءِ ڏانهن ڪن تڏهن ٻڌج: هائو، پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان، يعني آسمان مان ٻڌج؛ ۽ جڏهن ٻڌين تڏهن بخشج.


تہ تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ واري جاءِ مان، هنن جي دعا ۽ هنن جو عرض ٻڌج، ۽ انهن جو انصاف ڪج؛ ۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، تنهن کي معافي ڏج.


جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي.


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.


ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.


اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي وڏيءَ ٻاجهہ موجب، هن اُمت جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح ڪ تون مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن اُمت کي معافي ڏني آهي.


انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.


آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس.


انهي لاءِ تہ باقي رهيل ماڻهو، ۽ سڀ غير قومون جي منهنجي نالي جون ٿيون سڏجن، سي خداوند جي ڳولا ڪن،


انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:


انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ