Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:17 - Sindhi Bible

17 تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تون پنهنجي ٻانهي جي عرض ۽ منٿ تي نظر ڪر، ۽ جيڪا دانهن اڄ تنهنجي اڳيان تنهنجو ٻانهو ڪري ٿو، ۽ جيڪا دعا گهري ٿو سا قبول ڪر:


هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.


پنهنجي بندي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ؛ ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.


گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.


شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:


تہ تنهنجي واٽ زمين تي ظاهر ٿئي، ۽ سڀني قومن کي تنهنجي نجات جي خبر پوي.


تون انهن قديم ويرانين ڏانهن وِک کڻي ڏس، تہ تنهنجي پاڪ مڪان ۾ دشمن ڪيڏي نہ خرابي ڪئي آهي.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟


اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.


تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.


ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن.


اي خداوند، ٻڌ؛ اي خداوند، معافي ڏي؛ اي خداوند، ٻڌي عمل ڪر؛ دير نہ ڪر؛ اي منهنجا خدا، پنهنجي واسطي ائين ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم، تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.


هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ