Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:14 - Sindhi Bible

14 تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسرائيل جي سردارن ۽ بادشاهہ پاڻ کي نماڻو ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند سچو آهي.


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:


هن جي هٿن جا ڪم سچائي ۽ انصاف وارا آهن؛ ۽ سندس سڀ حڪم سچا آهن.


خداوند رحيم ۽ سچار آهي؛ هائو اسان جو خدا رحم ڪرڻ وارو آهي.


ص اي خداوند تون صادق آهين، ۽ تنهنجا فيصلا سچا آهن:


اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


تو پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ تو مون کي رنج ڪيو آهي، تنهنڪري ڏس خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ تنهنجي راهہ تنهنجي مٿي تي آڻيندس ۽ تون اها شهوت پرستي نہ ڪندينءَ جا تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان مٿي آهي.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


اي خداوند، سچائي تنهنجي آهي، پر اسانجي، يعني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ يروشلم جي رهاڪن، ۽ ساري اسرائيل لاءِ، جي ويجها توڙي پري انهن سڀني ملڪن ۾ آهن، جن ۾ تو هنن کي گناهہ ڪرڻ جي ڪري هڪالي ڇڏيو، منهن جي ڦڪائي آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين ڏسون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ