Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:8 - Sindhi Bible

8 ۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ اهو ٻڪر پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو، پر جڏهن هو تمام زورآور ٿي ويو، تڏهن سندس وڏو سڱ ڀڄي پيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي چار ڊگھا سڱ چئني طرفن ڏانهن نڪري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن هو مضبوط ٿيو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي، جنهنڪري هو خراب ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ خداوند پنهنجي خدا جو گنهگار ٿيو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي هيڪل ۾ لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙڻ ويو.


ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.


۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.


مون توکي جهنگ جي مُکڙيءَ وانگر وڌايو، ۽ تون وڌئينءَ ۽ وڏي ٿئينءَ، ۽ تون نهايت سهڻي ٿئينءَ؛ تنهنجون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجا وار وڏا ٿيا؛ تہ بہ تون اُگهاڙي ۽ ننگي هئينءَ.


پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.


۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.


اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي.


پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.


۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان.


۽ اڃا مون ويچار پي ڪيو، تہ ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر اُلهندي کان سڄي زمين جي سطح تان هليو ٿي آيو، ۽ زمين کي نہ ٿي ڇهيائين، ۽ انهي ٻڪر کي سندس اکين جي وچ ۾ هڪڙو حيرت جهڙو سڱ هو.


۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ