Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:7 - Sindhi Bible

7 ۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.


باقي ٻيا جانور تن جي حڪومت انهن کان کسي ويئي: انهي هوندي بہ ڪجهہ وقت تائين هنن جون حياتيون وڌايون ويون.


انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.


۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو.


۽ هو انهي ٻن سڱن واري گهٽي وٽ آيو، جو مون نديءَ جي اڳيان بيٺل ڏٺو، ۽ ڏاڍي زور مان انهي تي ڪاهي ويو.


۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.


جيتوڻيڪ ڪوبہ هنن جي پٺيان نہ پوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو ترار کان ڀڄي، تيئن اُهي هڪٻئي جي مٿان ٿاٻا کائي ڪرندا: ۽ اوهان کي پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهڻ جي طاقت نہ ٿيندي.


۽ جڏهن عئيءَ جي ماڻهن پنهنجي پٺيان نهاريو، تہ ڏسن تہ شهر جو دونهون آسمان تائين چڙهي ويو آهي، ۽ هنن کي ڪنهن پاسي بہ ڀڄڻ جي طاقت نہ رهي: ۽ جيڪي ماڻهو بيابان ڏي ڀڳا هئا سي پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي موٽي ڪاهي آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ