Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اڃا مون ويچار پي ڪيو، تہ ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر اُلهندي کان سڄي زمين جي سطح تان هليو ٿي آيو، ۽ زمين کي نہ ٿي ڇهيائين، ۽ انهي ٻڪر کي سندس اکين جي وچ ۾ هڪڙو حيرت جهڙو سڱ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اڃا مون انهيءَ تي ويچار ئي پئي ڪيو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر جنهن جي اکين جي وچ تي هڪڙو ڊگھو سڱ هو، سو اولهہ طرف کان سڄي ڌرتيءَ جي سطح تان ايترو تہ تيزيءَ سان ڌوڪيندو ٿي آيو، جو سندس پيرن زمين کي بہ نہ ٿي ڇهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ برپا ٿيندو، جو وڏي حشمت سان حڪومت ڪندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلندو.


انهيءَ صورت جو مٿو سچي سون جو هو، ان جو سينو ۽ ان جون ٻانهون چانديءَ جون هيون، ان جو پيٽ ۽ ان جون رانون پتل جون هيون؛


۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.


تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.


۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي.


۽ هو انهي ٻن سڱن واري گهٽي وٽ آيو، جو مون نديءَ جي اڳيان بيٺل ڏٺو، ۽ ڏاڍي زور مان انهي تي ڪاهي ويو.


۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ