Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:4 - Sindhi Bible

4 ۽ مون گهٽي کي اُلهندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٽڪر هڻندو ڏٺو؛ ۽ ڪي بہ جانور هن جي اڳيان بيهي نہ ٿي سگهيا؛ ۽ نہ ڪو اهڙو هو جو سندس هٿان ڇڏائي سگهي؛ پر هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ۽ پاڻ کي وڏو ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.


جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ شرير نہ آهيان؛ ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي جو تنهنجي هٿان ڇڏائي سگهي؟


تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين.


هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي:


ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري.


ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛


پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.


۽ مون ڏٺو تہ هو گهٽي کي تمام ويجهو ويو، ۽ انهي تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ گهٽي کي ڌڪ هڻي ان جا ٻئي سڱ ڀڃي وڌائين؛ ۽ گهٽي ۾ ايتري طاقت نہ رهي جو هو هن جي اڳيان بيهي سگهي: ۽ هن کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو گهٽي کي هن جي هٿان ڇڏائي.


۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ