Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:21 - Sindhi Bible

21 ۽ بجن وارو ٻڪر، يونان جو بادشاهہ آهي: ۽ وڏو سڱ جو هن جي اکين جي وچ ۾ آهي، سو پهريون بادشاهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.


۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو.


۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ برپا ٿيندو، جو وڏي حشمت سان حڪومت ڪندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلندو.


۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.


تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.


اُهو گهٽو جو تو ٻن سڱن سان ڏٺو، اُهي ميديہ ۽ فارس جا بادشاهہ آهن.


۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان.


ڇالاءِ جو مون يهوداہ کي ڪمان وانگر موڙيو آهي، ۽ افرائيم کي تير وانگي ڪشيو اٿم؛ ۽ اي صيون، آءٌ تنهنجن فرزندن کي يونان جي فرزندن جي برخلاف اُٿاري کڙو ڪندس، ۽ توکي هڪڙي پهلوان جي ترار وانگر زبردست ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ