Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


پوءِ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ، ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو،


نحمياہ بن حڪلياہ جو ڪلام. ويهين ورهيہ جي ڪسليو واري مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن آءٌ سوسن واري محلات ۾ هوس،


تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو،


پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ جو حڪم ۽ جاري ٿيل فرمان ماڻهن ٻڌو، ۽ جڏهن گهڻيون ئي ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي محلات ۾ اچي گڏ ٿيون، ۽ هيجا جي حوالي ٿيون، تڏهن آستر بہ بادشاهہ جي گهر ۾، زالن جي سنڀاليندڙ هيجا جي حوالي ڪئي ويئي.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.


اُنهيءَ ڏينهن جيڪي ماڻهو سوسن جي محلات ۾ قتل ڪيا ويا، تن جو شمار بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.


پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛


ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا.


هن جي قبر جي چوڌاري عيلام ۽ سندس ڪل جماعت يعني اُهي سڀ قتل ٿيل ۽ ترار سان ماريل، جي اڻ طهريل ئي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ هليا ويا آهن، ۽ جن سڀني ماڻهن تي پنهنجو خوف وڌو: ۽ انهن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


۽ پهرين مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن آءٌ وڏي نديءَ، يعني دجلہ جي ڪناري تي هوس،


هاڻي مون داني ايل جو روح منهنجي اندر غمگين ٿيو، ۽ منهنجي مغز جي رويائن مون کي منجهائي ڇڏيو.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


بادشاهہ بيلشضر جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هڪڙو رويا مون کي، يعني مون داني ايل کي ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو.


تڏهن مون مٿي نهاريو، ۽ ڏسان تہ نديءَ جي اڳيان هڪڙو گهٽو بيٺو آهي جنهن کي ٻہ سڱ آهن: ۽ اُهي ٻہ سڱ وڏا هئا؛ پر هڪڙو ٻئي کان وڏو هو، ۽ جيڪو وڌيڪ وڏو هو سو پڇاڙيءَ ۾ آيو.


تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.


قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،


۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ