Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:17 - Sindhi Bible

17 تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:17
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.


۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.


تنهن کانپوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي کان گهر جي اڳيان آندو؛ ۽ مون نهاريو، ۽ ڏس، خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو: تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪري پيس.


اي آدمزاد، تون پنهنجو منهن اسرائيل جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر


۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


باقي هي ٻئي بادشاهہ، سو انهن جي دل خرابي ڪرڻ گهرندي، ۽ هڪڙي ئي ميز تي ڪوڙ ڳالهائيندا: پر انهن مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو پڇاڙي اڃا بہ پوءِ ٺهرايل وقت تي ٿيندي.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.


جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو.


۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، آءٌ توکي ٻڌائيندس تہ غضب جي آخر زماني ۾ ڇا ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو پڇاڙيءَ جو مقرر ڪيل وقت جي بابت آهي.


۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.


تنهنجي دعا گهرڻ جي شروع تي ئي حڪم جاري ٿيو، ۽ اُهو آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو تون گهڻو پيارو آهين: تنهنڪري انهي ڳالهہ تي ويچار ڪري اها رويا سمجهہ.


۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


جڏهن هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو تڏهن يسوع کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺائون.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ