Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:15
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:


۽ مون ٻڌو، پر سمجهي نہ سگهيس: تڏهن مون چيو تہ اي منهنجا سائين، هنن ڳالهين جي پڇاڙي ڪيئن ٿيندي؟


۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


بادشاهہ بيلشضر جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هڪڙو رويا مون کي، يعني مون داني ايل کي ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو.


۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، آءٌ توکي ٻڌائيندس تہ غضب جي آخر زماني ۾ ڇا ٿيندو: ڇالاءِ جو اُهو پڇاڙيءَ جو مقرر ڪيل وقت جي بابت آهي.


تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.


تنهن کانپوءِ هو ميڙاڪن کي ڇڏي گهر ويو، ۽ سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اسان کي ٻنيءَ جي جهنگليءَ ٻج وارو مثال سمجهاءِ.


تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)،


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:


تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.


۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟


۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.


ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ