دانيال 8:13 - Sindhi Bible13 پوءِ مون هڪڙي پاڪ شخص کي ڳالهائيندو ٻڌو، ۽ ٻئي پاڪ شخص انهي پهرين ڳالهائڻ واري کي چيو، تہ مدامي سوختني قرباني، ۽ اُهو گناهہ جو ويران ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ پاڪ مڪان ۽ لشڪر ٻئي پيرن هيٺ لتاڙجي وڃن، تنهن جي بابت اُهو رويا ڪيستائين رهندو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي ٻئي کان پڇندي ٻڌو تہ ”ڪيستائين روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي بربادي آڻيندڙ پليتي رکي ويندي؟ ۽ ڪيستائين مقدس هيڪل ۽ آسماني لشڪر کي لتاڙيو ويندو، جن جو بيان هن رويا ۾ اچي ٿو؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هو جيڪو نگهبان ۽ قدوس تو آسمان مان هيٺ لهندو ڏٺو، ۽ جنهن چيو تہ هي وڻ وڍي هيٺ ڪيراءِ، ۽ انهي کي ناس ڪري ڇڏ؛ پر انهي جي پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل ڀلي جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي، ۽ ڀلي تہ ماڪ سان آلو رهي، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو جهنگ جي جانورن سان هجي، جيسين ڪ ست زمانا انهي تي گذرن؛