Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:8 - Sindhi Bible

8 مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي چاپلوس آهن، ۽ جن جي واتان ٻٽاڪ ٿي نڪري؛ تن سڀني کي خداوند تباهہ ڪري ڇڏيندو.


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


تڏهن مون چيو تہ اهو چوٿون جانور جو هنن سڀني کان ٻي طرح جو آهي، ۽ نهايت هيبتناڪ آهي، ۽ لوهہ جا ڏند ۽ پتل جا نهن اٿس، تنهن جي حقيقت مون کي ٻڌايو؛ اهو جو ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڳڙڪائي وڃي ٿو، ۽ جيڪي باقي بچيس ٿو تنهن کي پيرن سان لتاڙي ٿو؛


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ،


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ انهن مڪڙن جون شڪليون اهڙيون هيون جهڙيون گهوڙن جون، جي جنگ لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن؛ ۽ اُنهن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جهڙا تاج هئا، ۽ سندن منهن انسانن جهڙا هئا.


ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ