Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:7 - Sindhi Bible

7 انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون هنن کي ڪُٽي ڪُٽي زمين جي مٽيءَ جهڙو سنهو ڪري ڇڏيو مون هنن کي گهٽين جي گپ وانگر لتاڙيو، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي پکيڙي ڇڏيم.


ڪير هن جي وات جون ڄاڙيون کوليندو؟ هن جي ڏندن جي چوڌاري خوف آهي.


خدا جي رويائن ۾ هن مون کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿو، جنهن جي ڏکڻ پاسي ڄڻ تہ هڪڙو شهر جو نمونو هو.


تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.


۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو.


۽ هو جيڪو ڀڄي پيو هو، ۽ جنهن جي جاءِ تي چار نڪري بيٺا، سي اُهي چار بادشاهتون آهن، جي انهي قوم منجهان نڪري بيهنديون، پر نہ هن جي طاقت سان.


۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.


۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.


۽ اُهو ازدها سمنڊ جي واريءَ تي وڃي بيٺو. ۽ مون سمنڊ مان هڪڙو حيوان نڪرندو ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. ۽ سندس سڱن تي ڏهہ تاج هئا، ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا هئا.


۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.


۽ هن ملائڪ مون کي چيو تہ تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آئون توکي انهيءَ زال ۽ انهيءَ جانور جنهن تي هوءَ چڙهيل آهي ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ آهن، تن جو راز بيان ڪري ٻُڌائيندس.


اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ