Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:6 - Sindhi Bible

6 تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:


تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.


۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.


پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.


۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.


تنهنڪري آءٌ هنن جي لاءِ شينهن جهڙو آهيان: چيتي وانگر آءٌ رستي جي ڀرسان ڄڪ هڻي ويهندس:


۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ