Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون.


مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.


اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو.


۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو.


۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.


فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.


پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.


تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ