Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:25 - Sindhi Bible

25 ۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:25
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


تنهن کانپوءِ گهڻي مال متاع سان هو موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو؛ ۽ هن جي دل پاڪ عهد اقرار جي برخلاف ٿيندي؛ ۽ هو پنهنجي مرضيءَ تي هلت ڪندو، ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ موٽندو.


۽ مون ٻڌو، ڇالاءِ جو انهي ڪتاني پوشاڪ واري ماڻهوءَ، جو نديءَ جي پاڻيءَ تي بيٺو هو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ ۽ ڏائو هٿ آسمان ڏي کڻي، ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي تنهن جو قسم کڻي چيو، تہ اهو هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زماني تائين هلندو؛ ۽ جڏهن هو هن پاڪ قوم جو زور ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا، تڏهن هي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.


۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.


تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


مون کي مناسب نظر آيو آهي تہ اُهي نشانيون ۽ عجيب ڪم بيان ڪريان، جي خدا تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪيا آهن.


تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا.


۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو.


مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون.


هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين.


۽ هن مون کي چيو تہ ٻن هزارن ٽن سوَن صبحن ۽ سانجهين تائين؛ پوءِ اُهو پاڪ مڪان صاف ٿيندو.


۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.


۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.


اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ