Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:22 - Sindhi Bible

22 نيٺ اُهو قديم الايام آيو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي عدالت ڏني ويئي؛ ۽ اُهو وقت آيو جڏهن اوليائن کي بادشاهت موروثي ملڪيت ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ مقدس جلال جي ڪري خوش ٿين: ۽ هو پنهنجن هنڌن تي خوشيءَ جا گيت ڳائين.


ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.


پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا.


هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي.


۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ