Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:20 - Sindhi Bible

20 ۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مون انهن ڏهن سڱن جي بہ حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي، جيڪي سندس مٿي تي هئا ۽ انهيءَ ٻئي سڱ بابت بہ، جيڪو پوءِ نڪري آيو هو ۽ جنهن ٽي سڱ پٽي ڪڍيا هئا، يعني اهو سڱ جنهن ۾ اکيون ۽ وات هو ۽ جنهن تڪبر واريون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهو ٻين سڱن کان وڌيڪ رُعبدار ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون اُنهي سڱ پئي ڪيون، تن جي آواز تي مون اوڏي مهل نهاريو؛ مون پئي ڏٺو جيستائين اُهو جانور قتل ٿي ويو ۽ سندس جسم ناس ٿي ويو، ۽ اُهو باهہ ۾ ساڙڻ جي لاءِ ڏنو ويو.


تڏهن مون چيو تہ اهو چوٿون جانور جو هنن سڀني کان ٻي طرح جو آهي، ۽ نهايت هيبتناڪ آهي، ۽ لوهہ جا ڏند ۽ پتل جا نهن اٿس، تنهن جي حقيقت مون کي ٻڌايو؛ اهو جو ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڳڙڪائي وڃي ٿو، ۽ جيڪي باقي بچيس ٿو تنهن کي پيرن سان لتاڙي ٿو؛


مون ڏٺو تہ ساڳي سڱ اوليائن سان جنگ ڪئي ۽ انهن تي غالب آيو؛


هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي.


انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.


مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون.


۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ