Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:2 - Sindhi Bible

2 داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 رويا ۾ آءٌ ڇا ڏسان تہ چئني طرفن کان آسماني هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!


۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا.


سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.


۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي.


تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.


۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.


انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا.


۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان.


۽ اُهو ٻڪر تمام وڏو ٿيڻ لڳو؛ ۽ جڏهن هو زور وارو ٿيو، تڏهن اُهو وڏو سڱ ڀڄي پيس؛ ۽ ان جي بدران ٻيا چار حيرت جهڙا سڱ آسمان جي چئني هوائن جي پاسي نڪري آيا.


۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ