Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:13 - Sindhi Bible

13 ۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:13
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.


مون کان گهر ۽ آءٌ قومون تنهنجي ورثي لاءِ، ۽ زمين جون سرحدون تنهنجيءَ ملڪيت لاءِ ڏيندس.


خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي.


ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


باقي ٻيا جانور تن جي حڪومت انهن کان کسي ويئي: انهي هوندي بہ ڪجهہ وقت تائين هنن جون حياتيون وڌايون ويون.


داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن.


نيٺ اُهو قديم الايام آيو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي عدالت ڏني ويئي؛ ۽ اُهو وقت آيو جڏهن اوليائن کي بادشاهت موروثي ملڪيت ٿي ملي.


منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو.


ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا،


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.


يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


۽ انهي وقت هو ابن آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان سان ڪڪرن ۾ ايندو ڏسندا.


تڏهن اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ شان شوڪت سان ڪڪر ۾ ايندو ڏسندا.


پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.


پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.


تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟


ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.


۽ هن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ تہ هو ابن آدم آهي.


۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.


انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو بادل آهي؛ ۽ انهي بادل تي ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ