9 انهي ڪري بادشاهہ دارا لکيل حڪم ۽ منع نامي تي صحيح ڪئي.
9 سو بادشاهہ دارا انهيءَ لکيل حڪم ۽ قانون تي صحيح ڪئي.
جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.
خداوند تي ڀروسو رکڻ سردارن تي آس رکڻ کان چڱو آهي.
اوهين پنهنجو ڀروسو سردارن تي نہ رکو، نڪي بني آدم تي، جي بچائي نٿا سگهن.
تہ تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري ڦاٿو آهين، تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري گرفتار ٿيو آهين.
انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟