Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:24 - Sindhi Bible

24 ۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهن خونين جي پٽن کي هن قتل نہ ڪيو: جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ خداوند حڪم ڪري فرمايو تہ پيئر پٽن جي بدران قتل نہ ڪبا، نڪي پٽ پيئرن جي بدران قتل ڪبا؛ پر سڀڪو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مرندو.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.


هو منهنجن دشمنن کي سندن بڇڙائي جو بدلو ڏيندو: تون پنهنجي سچائيءَ موجب اُنهن کي برباد ڪر.


سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو.


ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.


آءٌ صبح تائين ماٺ ڪري ويٺس؛ هو شينهن وانگي منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهي: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


هاڻي بادشاهہ جو حڪم تمام ضروري هو ۽ کورو تمام تتل هو، تنهنڪري باهہ جي مچ انهن ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي وٺي آيا هئا.


پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ