Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن بادشاهہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين تہ داني ايل کي ڪڍي ٻاهر آڻيو. تڏهن داني ايل کي غار مان ڪڍي آندائون، ۽ هن کي ڪنهن بہ قسم جو ايذاءُ نہ رسيو هو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي خدا تي ڀروسو رکيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن بادشاهہ جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. پوءِ هن حڪم ڪيو تہ ”دانيال کي ڪڍي ٻاهر آڻيو.“ سو دانيال کي ڏر مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. کيس ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ رسيو هو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي خدا تي ڀروسو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حيرام سليمان جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند برڪت وارو هجي جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم لاءِ هڪڙو ڏاهو پٽ ڏنو آهي.


۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي واٽ تي هليو آهيان، ۽ بڇڙو ٿي پنهنجي خدا کان ڦريو نہ آهيان.


خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي.


۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.


جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.


تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي.


تڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر دل ۾ ارادو ڪيائين تہ داني ايل کي بچائي: ۽ سج لٿي تائين هن کي ڇڏائڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪيائين.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ