Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:2 - Sindhi Bible

2 ۽ انهن تي ٽي وزير مقرر ٿين، جن مان داني ايل هڪڙو هو، ۽ اهي سڀ والي هنن کي حساب ڏين، تہ بادشاهہ کي نقصان نہ رسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ دانيال ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي انهن والين مٿان وزير مقرر ڪيو، تہ جيئن اهي سندن ڪمن تي نگراني ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خبردار ٿجو، متان انهيءَ ۾ ڪا ڍرائي ڪريو: ڇالاءِ ايترو خسارو ٿئي جو بادشاهن کي نقصان پهچي؟


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام موڪلي ٿو، سو پنهنجو پير وڍي ڇڏي ٿو ۽ نقصان پي وڃي ٿو.


عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.


پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.


تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


دارا کي پسند آيو تہ بادشاهت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪن؛


تنهنڪري آسمان جي بادشاهت هڪڙي بادشاهہ جي مثل آهي، جنهن جي مرضي ٿي تہ پنهنجن نوڪرن سان حساب ڪتاب لاهيان.


۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.


هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ