Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


هو دف ۽ بربط تي ڳائين ٿا، ۽ شرنائي جي آواز تي خوشيون ڪن ٿا.


اتي بيد جي وڻ تي اسان پنهنجا بربط ٽنگي ڇڏيا.


تون منهنجين اکين کي کليل ٿو رکين: آءٌ اهڙو منجهي پيو آهيان جو ڳالهائي نٿو سگهان.


مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.


هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.


مون دل گهريو طعام نہ ٿي کاڌو، ۽ گوشت يا شراب منهنجي وات ۾ نہ پيو، ۽ نہ ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين ڪ ٽي هفتا پورا ٿيا.


۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.


تڏهن بادشاهہ صبح جو ڏاڍو سويل اُٿيو، ۽ تڪڙو ٿي شينهن جي غار ڏانهن ويو.


۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ