11 تڏهن هي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ داني ايل پنهنجي خدا اڳيان دعا گهري ٿو ۽ سوال ڪري ٿو.
11 تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو.
جيڪڏهن هو پنهنجي سڄي ساري دل سان، ۽ سڄي ساري جان سان، جنهن دشمن جي ملڪ ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن اُنهيءَ ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جو ملڪ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو، ۽ جو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن توکان دعا گهرن:
جيئن شينهن پنهنجي غار ۾ ڄڪ هڻي ويهندو آهي، تيئن هو ڳجهيءَ جاءِ ۾ لڪي ٿو ويهي: هو غريب کي جهلڻ جي انتظار ۾ ٿو رهي: ۽ غريب کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي جهلي ٿو وٺي.
آءٌ تنهنجيءَ راستبازي جي فيصلن جي لاءِ، ڏينهن ۾ ست ڀيرا تنهنجي تعريف ٿو ڪريان.
جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ.
اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو.
تڏهن اهي وزير ۽ والي بادشاهہ جي حضور ۾ گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اي بادشاهہ دارا، شل سدائين سلامت هجين.