Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن داني ايل کي خبر پئي تہ انهي لکيل حڪم تي صحيح پيئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گهر ويو؛ (سندس ڪوٺيءَ جون دريون يروشلم ڏانهن هيون)؛ ۽ هن ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي دعا گهري، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سندس شڪر بجا آندو، جيئن هو اڳي ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:10
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو سوال، جڏهن هو هن هنڌ ڏانهن ڪن تڏهن اُهو ٻڌج: هائو، تون آسمان ۾ ٻڌج، جو تنهنجي رهڻ جي جاءِ آهي؛ ۽ جڏهن تون ٻڌين تڏهن معافي ڏج.


ڪهڙي بہ دعا، ۽ ڪهڙو بہ سوال ڪو هڪڙو ماڻهو، يا تنهنجي ساري اسرائيل جي قوم ڪري، جنهن ۾ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل جي مرض جو قبولدار ٿئي، ۽ پنهنجا هٿ تنهنجي گهر ڏي کڻي:


جيڪڏهن تنهنجي قوم، جهڙي رستي کان تون هنن کي موڪلين، پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃن، ۽ هو انهيءَ شهر ڏانهن خداوند کان دعا گهرن جو تو پسند ڪيو آهي، ۽ انهيءَ گهر ڏانهن جو مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان هيءَ ساري دعا، ۽ هيءُ سارو سوال خداوند جي حضور ۾ ڪري چڪو، تڏهن هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان، جتي گوڏا کوڙيو، ۽ هٿ آسمان ڏانهن کنيو ويٺو هو، اُٿيو.


(ڇالاءِ جو سليمان هڪڙو پتل جو منبر، پنج هٿ ڊگهو، ۽ پنج هٿ ويڪرو، ۽ ٽي هٿ اوچو، جوڙيو هو، ۽ اُهو ايوان جي وچ ۾ رکيو هئائين؛ ۽ انهيءَ تي هو اُٿي بيٺو ۽ اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي اڳيان هن گوڏا کوڙيا ۽ پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن کنيائين)


جيڪڏهن هو پنهنجيءَ سموري دل سان، ۽ پنهنجيءَ سموري جان سان، انهيءَ قيد ٿي کڄي وڃڻ واري زمين ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، ۽ جيڪو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن دعا گهرن:


۽ شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي شرمندگيءَ ۾، ڦاٽل ڪپڙن ۽ قبا سميت اُٿيس، ۽ گوڏن ڀر ڪِري، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان هٿ ڊگهيريم؛


۽ مون چيو تہ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ڀڄڻ گهرجي؟ ۽ ٻيو ڪير آهي جو مون جهڙو هجي، ۽ پنهنجو ساهہ بچائڻ لاءِ هيڪل ۾ وڃڻ گهري؟ آءٌ انهيءَ ۾ ڪين ويندس.


آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.


پر آءٌ تنهنجي بيحد رحم جي ڪري تنهنجي گهر ۾ ايندس؛ آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري ڊپ سان توکي سجدو ڪندس.


سانجهيءَ جو، ۽ صبح جو، ۽ ٻنپهرن جو. آءٌ روئي فرياد ڪندس: ۽ هو منهنجو آواز ٻڌندو.


اي خداوند مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ سڄو ڏينهن توکي پيو پڪاريان.


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.


۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛


۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.


هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ.


جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


پوءِ کانئن پهڻ جي اُڇل جيترو پنڌ جدا ٿي، گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو تہ


هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:


تہ جيئن اوهين ڀانئيو ٿا تيئن هي نشئي نہ آهن؛ جو اڃا ڏينهن جو پهريون پهر مس ٿيو آهي؛


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


جڏهن هو ايترو چئي رهيو، تڏهن گوڏا کوڙي هنن سڀني سان گڏ دعا گهُريائين.


۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.


هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا.


هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،


وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.


پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.


۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.


پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي.


انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان،


۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي.


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو؛ پر جيڪو بہ عرض ڪريو، سو دعا ۽ منٿ سان شڪرگذاري سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪريو.


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.


تنهنڪري اچو تہ همت رکي فضل جي تخت وٽ هلون تہ اسان تي رحم ٿئي، ۽ اُهو فضل حاصل ڪريون جو گهُرج وقت اسان جي مدد ڪري سگهي.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ