دانيال 5:7 - Sindhi Bible7 بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |