Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:30 - Sindhi Bible

30 انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:30
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون.


اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


هڪڙو ٽپالي ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، ۽ هڪڙو قاصد ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، انهي لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس شهر هر طرف کان وٺجي ويو آهي:


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ