فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.