27 تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.
27 ’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين.
(ڀلي تہ مون کي پوريءَ ساهميءَ ۾ تورين، تہ خدا کي منهنجي سچائي معلوم ٿئي؛)
بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن.
ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.
ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.
ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
۽ اي آدمزاد، تون هڪڙي تکي ترار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگي اُها پنهنجي مٿي تي ۽ ڏاڙهيءَ تي گهماءِ: پوءِ تورڻ لاءِ هڪڙي ساهمي آڻ، ۽ انهن وارن جا حصا ڪر.
۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين.
تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.