Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:23 - Sindhi Bible

23 پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:23
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.


۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


تو برابر ادوم کي جيتيو آهي ۽ تنهنجي دل تنهنجو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي: انهيءَ تي فخر ڪري گهر ويٺو رهہ: ڇو ٿو ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪري پاڻ کي نقصان پهچائين، متان تون پاڻ بہ ڪرين ۽ يهوداہ کي بہ پاڻ سان ڪيرائين؟


جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪنهن سان واري شيءِ جو روح آهي، ۽ ساري آدم ذات جو پساهہ آهي.


هو منهنجا رستا نٿو ڏسي ڇا، ۽ منهنجا سڀ قدم نٿو ڳڻي ڇا؟


تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن.


آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.


تون منهنجيءَ واٽ هلڻ ۽ منهنجي سمهڻ کي چڪاسين ٿو، ۽ منهنجن سڀني واٽن کان واقف آهين.


انهن جو ساهہ نڪري ٿو، هو وڃيو مٽيءَ ۾ ملن؛ انهي ڏينهن سندن خيال فنا ٿيو وڃن.


ماڻهوءَ جو گهمڻ گهتڻ خداوند جي وس آهي، تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح پنهنجو رستو سمجهي سگهندو؟


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


خداوند فرمائي ٿو تہ هاڻي آءٌ اُٿندس؛ هاڻي آءٌ پاڻ کي سربلند ڪندس؛ هاڻي آءٌ سرفراز ٿيندس.


۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي:


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ هو قد ۾ وڌي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي آهي، ۽ هن جي دل سندس وڏائي ڪري مٿي چڙهي ويئي آهي؛


۽ جڏهن اُهو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي ويندي، ۽ هو لکن کي ڪيرائيندو، پر غالب نہ پوندو.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


هائو، هو اهڙو وڏو ٿي ويو جو انهي لشڪر جي سردار تائين وڃي پهتو؛ ۽ اُنهي کان مدامي سوختني قرباني کسي ورتائين، ۽ هن جي پاڪ مڪان کي ڊاهي ڇڏيائين.


ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.


نڪي ڪنهن شيءِ جو محتاج آهي، جو ماڻهن جي هٿان خدمت گهُري، ڇوتہ هو پاڻ سڀني کي زندگي ۽ ساهہ ۽ سڀ ڪجهہ ٿو ڏئي؛


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:


۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ