Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:22 - Sindhi Bible

22 پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر اي بيلشضر! تون جيڪو سندس اولاد آهين، انهن سڀني ڳالهين کان واقف هوندي بہ تو پنهنجيءَ دل ۾ عاجزي نہ آندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.


۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ خراب هئا؛ هن يرمياہ نبيءَ جي اڳيان پاڻ کي نماڻو نہ ڪيو، جنهن خداوند جي واتان ٿي ڳالهايو.


آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:


ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين.


ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.


۽ اُهو نوڪر جنهن کي پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ جي خبر هئي، ۽ تياري نہ ڪيائين، نڪي هن جي مرضيءَ موجب هليو، تنهن کي خوب مار ملندي.


جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو.


تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي.


پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ