دانيال 5:2 - Sindhi Bible2 بيلشضر شراب چکڻ مهل حڪم ڪيو تہ جيڪي سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍيا هئا، سي وٽس کڻي اچن؛ تہ بادشاهہ ۽ سندس امير، سندس زالون ۽ سندس سريتون انهن ۾ شراب پيئن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 مئي پيئندي پيئندي نشي ۾ بيلشضر حڪم ڪيو تہ سون ۽ چانديءَ جا جيڪي ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم جي هيڪل مان ڪڍي آندا هئا، سي وٽس آندا وڃن تہ جيئن بادشاهہ پاڻ، سندس امير، سندس زالون ۽ سريتون انهن ۾ مئي پيئن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: