Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”تنهنجا انعام تو کي ئي نيبهہ هجن، يا اهي ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏ. تنهن هوندي بہ آءٌ اها لکت تو بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ انهيءَ جو مطلب بہ سمجھايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو:


۽ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو توسان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ جي، ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند هنن ٽنهي بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي.


پر هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ آءٌ ڪوبہ تحفو نہ وٺندس. ۽ هن انهيءَ جي وٺڻ لاءِ زور ڪيس؛ تڏهن بہ هن وٺڻ کان انڪار ڪيو.


۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟


آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.


پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ۽ انهي جو تعبير ٻڌائيندا، تہ اوهان کي بخششون ۽ انعام ۽ وڏي عزت ڏيندس: تنهنڪري اوهين مون کي اُهو خواب ۽ ان جو تعبير ٻڌايو.


تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.


پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ