Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:14 - Sindhi Bible

14 مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين.


۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


نيٺ داني ايل منهنجي اڳيان آيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، جو منهنجي خدا جي نالي پٺيان هو، ۽ جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي: ۽ مون هن کي خواب ٻڌايو ۽ چيومانس، تہ


تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟


۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن.


تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ