Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:1 - Sindhi Bible

1 بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بيلشضر بادشاهہ پنهنجي هڪ هزار اميرن جي وڏي دعوت ڪئي ۽ انهن سان گڏجي مئي پيتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو ٽئين ڏينهن، جڏهن فرعون جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هن پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪئي: ۽ پنهنجن نوڪرن مان سردار ساقيءَ ۽ سردار بورچيءَ کي بہ ياد ڪيائين.


تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪسدين ۽ بابل جي رهاڪن تي، ۽ اُن جي اميرن تي، ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن تي هڪڙي ترار آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ