Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:9 - Sindhi Bible

9 اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ’اي بيلطشضر، جادوگرن جا سردار! مون کي خبر آهي تہ تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي ۽ ڪابہ راز جي ڳالهہ تنهنجي لاءِ مشڪل نہ آهي. سو جيڪو خواب مون لڌو آهي، سو ٻڌ ۽ انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟


تنهنجي دل انهيءَ دهشت بابت ويچار ڪندي: اهو ڪٿي آهي جنهن محصول ٿي ڳڻيو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن اهو توريو ٿي؟ اهو ڪٿي آهي، جنهن ٺلهن جو شمار ٿي ڪيو؟


تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.


اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.


ڏس تون داني ايل کان ڏاهو آهين؛ هو ڪوبہ ڳجهہ توکان لڪائي نہ سگهندا:


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.


اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.


۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو.


نيٺ داني ايل منهنجي اڳيان آيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، جو منهنجي خدا جي نالي پٺيان هو، ۽ جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي: ۽ مون هن کي خواب ٻڌايو ۽ چيومانس، تہ


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛


اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ