Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:8 - Sindhi Bible

8 نيٺ داني ايل منهنجي اڳيان آيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، جو منهنجي خدا جي نالي پٺيان هو، ۽ جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي: ۽ مون هن کي خواب ٻڌايو ۽ چيومانس، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.


۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.


۽ اها ڳالهہ جا بادشاهہ پڇي ٿو سا هڪڙي عجيب ڳالهہ آهي، ۽ اهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو بادشاهہ جي اڳيان اُها بيان ڪري سگهي، سواءِ معبودن جي، جي انسان سان گڏ نٿا رهن.


بادشاهہ ورندي ڏيئي داني ايل کي چيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، تہ تون مون کي اهو خواب جو مون ڏٺو آهي سو، ۽ ان جو تعبير ٻڌائي سگهندين؟


۽ نبوڪدنضر انهن کي چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، ائين آهي ڇا تہ اوهين ڄاڻي ٻجهي منهنجي معبود جي عبادت نٿا ڪريو، ۽ نہ جيڪا سوني مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ٿا ڪريو؟


اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.


اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ