Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن جادوگر، نجومي، رملي ۽ فال وجھندڙ اچي حاضر ٿيا. مون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، مگر اهي مون کي ان جو تعبير ٻڌائي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهي سنهڙا سنگ، انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا: ۽ مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي، پر ڪوبہ ڪونهي جو مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهائي سگهي.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


مون بدڪار کي ڏاڍو زور وٺندو ڏٺو، جهڙو ڀليءَ زمين ۾ لڳل سائو وڻ؛


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.


اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.


ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.


داني ايل بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ جنهن ڳجهہ جو بادشاهہ پڇيو آهي سو ڏاها ماڻهو توڙي، مانڊي، يا جادوگر، يا فال وجهڻ وارا، بادشاهہ کي ٻڌائي نہ سگهندا؛


هنن ٻيو ڀيرو ورندي ڏيئي چيو تہ بادشاهہ پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.


هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.


اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ