Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن هڪ رات پنهنجي پلنگ تي ستي مون هڪڙو خواب لڌو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. منهنجي ذهن ۾ ايندڙ انهيءَ رويا وارن خيالن مون کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هيئن ٿيو جو ٻن سالن کان پوءِ فرعون خواب لڌو، ۽ ڏٺائين تہ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان:


۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.


۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.


۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ مون هڪڙو اهڙو خواب لڌو آهي جو انهي جي تعبير معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجو روح بي آرام آهي.


منهنجي دماغ جا رويا جي مون پنهنجي هنڌ تي ڏٺا سي هن طرح جا هئا: مون ڏٺو تہ زمين جي وچ ۾ هڪڙو وڻ ڏسڻ ۾ آيم، جنهن جي اوچائي وڏي هئي.


مون هنڌ تي سُتي پئي پنهنجي دماغ جا رويا ڏٺا، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ هڪڙو نگهبان، هائو هڪڙو قدوس آسمان مان لهي هيٺ آيو.


تہ بہ انهي جو پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ ڀلي لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي؛ ۽ ڀلي تہ ماڪ اُنهي کي آلو ڪري، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو حيوانن سان گڏيل زمين جي گاهہ ۾ هجي.


تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.


هاڻي ملڪہ بادشاهہ ۽ اميرن جو چوڻ ٻڌي مجلس واري جاءِ ۾ آئي: ۽ ملڪہ چيو تہ اي بادشاهہ، شل سدائين سلامت رهين؛ تنهنجا خيال توکي پريشان نہ ڪن، ۽ نہ تنهنجي شڪل ڦري:


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي پهرين سال ۾ داني ايل پنهنجي بستري تي سُتي هڪڙو خواب لڌو، ۽ سندس مغز ۾ ڪي رويا ظاهر ٿيا: تڏهن هن اُهو خواب لکيو ۽ انهن ڳالهين جو مڪمل بيان ٻڌايائين.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ