Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:4 - Sindhi Bible

4 آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي گهر ۾ آرام ۾ هوس، ۽ پنهنجي محلات ۾ سک سان پئي گذاريم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي محلات ۾ آرام ۽ سک سان گذاري رهيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.


موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي.


تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


۽ اها ڳالهہ جا بادشاهہ پڇي ٿو سا هڪڙي عجيب ڳالهہ آهي، ۽ اهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو بادشاهہ جي اڳيان اُها بيان ڪري سگهي، سواءِ معبودن جي، جي انسان سان گڏ نٿا رهن.


تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.


تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا.


انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ