Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 4:35 - Sindhi Bible

35 ۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 4:35
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.


جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي:


جيڪو اجايو اعتراض ٿو آڻي سو ڪو قادر مطلق سان تڪرار ڪندو ڇا؟ جيڪو خدا سان بحث ڪري ٿو، تنهن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.


مون کي خبر آهي تہ تون سڀ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو، ۽ تنهنجو ڪو بہ ارادو روڪجي نٿو سگهي.


هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.


اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.


جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.


هو پنهنجي رهڻ واري مڪان تان زمين جي سڀني رهاڪن کي ڏسي ٿو.


ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.


اي سڀ قومون هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اي دنيا جا سڀ رهاڪو اوهين ڪن ڏيو.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟


۽ يهوداهہ جي زمين مصر جي لاءِ خوف جو سبب ٿيندي، جنهن وٽ انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو سو ڊڄي ويندو، انهيءَ ارادي جي ڪري، جو لشڪرن جي خداوند ان جي برخلاف ڪيو آهي.


منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.


هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟


جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:


جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.


سو جڏهن اسان خداوند يسوع مسيح تي ايمان آندو هو، تڏهن جا بخشش اسان کي عطا ڪئي هئائين سا اُنهن کي بہ ڏنائين، تہ پوءِ آئون ڪير هوس جو خدا کي روڪي سگهان؟


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو.


تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


”ڇالاءِ جو اهو ڪير آهي جنهن خدا جي خيالن کي سمجهيو آهي جو کيس سيکاري سگهي؟“ پر اسان ۾ مسيح جي سمجهہ آهي.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.


۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ